ميرپورخاص لڳ پيرسن وڻ تان ڪري فوت

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)  غريب آباد جي علائقي ۾  تقي شاھ عيدگاھ ۾ مالي طور ڪم ڪندڙ 70 ساله برزگ وڻ تان ڪري فوت، تفصيل موجب، عمرڪوٽ روڊ تي واقع تقي شاھ عيد گاھ ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت  پاڪ ڪالوني جو رھواسي 70 ورھين جو  محمد عمر سڪل وڻ جون ڪاٺيون وڍڻ دوران وڻ تان ڪري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پيرسن جي وارثن سندس مڙھ کڻائي سول اسپتال پهتا جتي پوليس قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.