حڪومت جو انٽرنيٽ ڊيٽا تي ٽيڪس لڳائڻ جي فيصلي تي يوٽرن

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته وزيراعظم ۽ ڪابينا بجيٽ ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي منظوري ناهي ڏني.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي حماد اظهر چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا انٽرنيٽ ڊيٽا استعمال تي ايف اي ڊي ليوي جي منظوري ناهي ڏني، ان کي مالي بل جي حتمي ڊرافٽ ۾ شامل نه ڪيو ويندو، جيڪو پارليامينٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندو.

ان کان اڳ بجيٽ تقرير ۾ شوڪت ترين چيو ته انٽرنيٽ جي موجوده ريٽس تي 5 جي بي کان وڌيڪ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ تي واڌو ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، جنهن تي عوام طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.