ڊونلڊ ٽرمپ ٻن سالن لاءِ فيس بُڪ کان محروم

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) فيس بُڪ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اڪائونٽ کي ٻن سالن لاءِ معطل رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هاڻ هو 2023 تائين پنهنجو فيس بُڪ اڪائونٽ استعمال نه ڪري سگهندو.

6 جنوري تي ڪيپيٽل هل تي حملي جي هڪ ڏينهن پوءِ سماجي رابطن جي ان مقبول ويب سائيٽ ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو هو.

ٽرمپ تي الزام هنيو ويو هو ته هن تشدد کي هٿي ڏني.

فيس بُڪ چيو آهي ته قانونن ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن ته جيئن ڪمپني جي قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عالمي اڳواڻن خلاف ڪارروائي اثرائتي انداز ۾ ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.