ڪوڙ نه ڳالهايو سڌو چئو ته اسان کي عيد افغانستان يا سعوديه سان ڪرڻي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڌو چئو ته اسان کي عيد افغانستان يا سعوديه جي موجب ملهائڻي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڻ هو ته هن وقت چنڊ جي عمر پاڪستان ۾ 13 ڪلاڪ 42 منٽ آهي ۽ چنڊ جو اڄ نظر اچڻ ممڪن ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن کي عيد سعوديه سان ملهائڻي آهي اِهو هنن جو آپشن آهي پر ڪوڙ ڳالهائي مقدس مهينين جي پڄاڻي ڪرڻ ڪٿان جي عقلمندي هوندي؟

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سڌو ئو ته اسان کي عيد افغانستان يا سعوديه جي موجب ملهائڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.