آواران ۾ ليويز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي پئي، 2 اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ضلعي آواران ۾ ليويز جي گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي پئي جنهن سبب 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ليويز اختيارين موجب سومر جي ڏينهن مشڪي جي علائقي بنڊڪي ڀرسان گاڏي بارودي سرنگهه سان ٽڪرائجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار سميع الله ۽ اختر شهيد ٿي ويا.

شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ حملي آورن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.