شادي پلي ۾ يوٽيلٽي اسٽور جو سامان مبينا وڪرو

شادي پلي( ن ع آ ) شادي پلي ۾ يوٽيلٽي اسٽور عوام لاء بي لاڀ بڻيل۔ سامان دوڪانن تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ۔ تفصيل موجب  شادي پلي ۾ غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاء قائم يوٽيلٽي اسٽور عوام لاء بي لاڀ بڻجي وئي آهي ۔ مهانگائي جو ستايل عوام جو اڳئي جيئڻ جنجال بڻيل آهي ۔ مٿان وري شادي پلي شهر ۾ عوام کي رليف ڏيئڻ لاء قائم يوثيلٽي اسٽور انتظاميہ جي من ماني سبب گيھ سرڪاري اگھ کان 10 روپيہ في ڪلو وڌيڪ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي  ۔ جنهنڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۔ ان سلسلي ۾ شهرين الهجڙيو بلوچ ۔ نرسنگ ڪولهي ۔ رجب علي بلوچ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ يوٽيلٽي اسٽور غريب عوام لاء بي فائده بڻيل  آهي ۔ سرڪار پاران اٽو ۔ کنڊ  ۽ گيھ يوٽيلٽي اسٽور تي اچڻ کان پهريان دوڪانن تي وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ گيھ سميت هر شيء سرڪاري اگھ کان وڌيڪ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.  ۔ هنن چيو تہ جيڪڏهن اسان يوٽيلٽي اسٽور تي ڪا شيء خريد ڪرڻ لاء وڃون ٿا تہ يوٽيلٽي اسٽور انچارج ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ بعد سامان نہ اچڻ چئي خالي هٿ واپس روانو ڪري ٿو ڇڏي  ۔ جنهنڪري غريب عوام سخت پريشاني مبتلا ٿي ويو آهي ۔ پر ڪو بہ دانهن ٻڌڻ وارو نہ آهي.  ۔ هنن اعلہ اختيارين کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.