باڊهه ۾ ڊي ايس پي الطاف حسين ڏيرو جي جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

باڊھه (ن ع  آ)ڊي ايس پي الطاف حسين ڏيرو، پورٽ قاسم جو آفيسر فدا حسين ڏيرو، پ پ اڳواڻ سليم احمد ڏيرو، اختر حسين ڏيرو ۽ وقار علي ڏيرو جي جيجل امڙ ڪجھ عرصو علالت ۾ رھڻ کان پوءِ 70 سالن جي ڄمار ۾  ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري وئي جنهن جي جنازا نماز باڊھ جي قديمي عيدگاھ  درگاھ شريف ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن۾  باڊھ جي سياسي سماجي ، صحافين ۽ ٻين مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ۽ ڏيرا برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنھن ۾ پ پ اڳواڻ نوبزاده ريحان خان چانڊيو. فدا حسين ڦلپوٽو.  سائين غلام مصطفي چانڊيو.ڊاڪٽر عبدالغفار ڪانڌڙو. غيبي.عمران خان تنيو. ڪامريڊ  دودو ديشي. اڳوڻو ڊي ايس پي مختيار علي ساريو. سائين بخش ڍڪڻ.  انيس احمد ڏيرو. مختيار احمد ڦلپوٽو ڊاڪٽر مولابخش جوڻيجو ڪامران علي ڦلپوٽو.  آغا نور محمد بليدي.اصغر علي ساريو. منور علي نوناري.منظو علي ڪانڌڙو.امداد علي علي دوست کوکر.غلام ﷲ چانڊيو.سجاد علي ڦلپوٽو. محمد سليم ڦلپوٽو.عبدالغفور بروھي.فدا جوڻيجو.عبدالغفار ڏيرو عبدالجواد ڏيرو پرويز عاشق ڦلپوٽو عبدالغفار لاکير سردار مدد علي کوکر عبدالحق ڪانڌڙو مدني سومرو مظھر نوشاد فدا حسين گوپانگ افتخار حسين ڏيرو سائين عبدالڪريم ڏيرو عبدالرئوف ڏيرو. مظفر جوڻيجو. گل محمد ڏيرو فدا حسين ھليو ڊاڪٽر عبدالرحيم ڏيرو خدا بخش چانڊيو جاويد احمد چانڊيو عابد علي پنھور علي شير ڏيپر. صحافين ۾ زيب علي ساريو انور علي عسڪري الھيار چانڊيو نبي رضا بلوچ نظام ڪولاچي رحيم بخش پنھور عامر علي خاصخيلي نادر چانڊيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ ۾ ملازمن جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ جرم ۽ ڏوھه بڻجي وئي آهي: پيرل دايو

خير محمد آريجا (ن ع آ) سنڌ ۾ جنهن ملازمن جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ جرم ۽ ڏوھ بڻجي وئي آهي اهو ڪنهن جو به دور ڇو نه هجي ملازمن جي حقن ۽ تحفظ جي ڳالھ ڪرڻ ته الائي ڪنهن جو همدرد سمجهي جيل موڪليو ويندو آهي منهنجو ڪنهن به حڪومت يا سياسي جماعت سان تعلق ناهي سرڪاري ملازمن جو نمائندو آهيان شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي سان تعلق آهي ملازمن جي ساٿ جي ڪري جيڪا اللّٰه تعاليٰ عزت بخشي آهي انهن سان غداري يا دوکو نه ڪندس.

لاڙڪاڻي ۾ رٽائرڊ استادن جو گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ پرائمري رٽائرڊ استادن ۽ پ ٽ الف جي اڳواڻن پاران تعليم کاتي جي استادن سميت سمورن سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي صدر سيد رضا علي شاهه، اعجاز علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪري جناح باغ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.  ان موقعي تي سيد علي رضا شاهه، اعجاز علي ابڙو، قربان علي ابڙو، عبدالعزيز چانڊيو، سلطان احمد جوڻيجو، ديدار علي کوکر، لياقت علي ڀٽو ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي سميت ٻين کاتن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ پيرسنيءَ ۾ رٽائر ٿيل استادن ۽ سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس کان محروم ڪري سندن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ سرڪار طرفان ناڻي واري کاتي معرفت پگهارن مان گروپ انشورنس جي رقم ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي جيڪا رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود کين اها رقم نه ڏئي کين پنهنجي جائز حق کان به محروم ڪيو پيو وڃي. اسان جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سنڌ، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد تعليم کاتي توڙي ٻين سمورن سرڪاري کاتن جي رٽائر ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم جاري ڪري کين پنهنجو حق ڏنو وڃي ٻي صورت پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.