جوهي ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، ڇيڻا ٻاري انوکو احتجاج

جوھي ( ن ع آ  ) جوھي ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف اعلانيل احتجاج جوھي جي شھرين ۽  مختلف  سياسي تنظيمن  پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ايم ھاشم کوسو، پي ٽي آءِ  اڳواڻ محمدامين وگھيو، شاعر خادم جسڪاڻي , ايم ايوب لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ھٿن ۾ ڇيڻا ۽ چلھا کڻي انوکو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جتي مظاھرين ميڊيا کي خطاب ڪندي چيو ته گئس ۽ تيل سميت قدرتي وسيلن سان مالامال جوھي تعلقي کي گئس جي لوڊشيڊنگ کي منھن ڏيڻو پوي ٿو مسڪين شھري 600 روپيا مڻ ڪاٺيون خريد ڪرڻ تي مجبور آھن ھنن مطالبو ڪيو ته جوھي ۾ ھڪدم گئس جي هٿرادو بحران ختم ڪري شھرين جي بي چيني دور ڪئي وڃي ان بعد مظاھرين موٽر سائيڪلن تي ريلي جي صورت ۾ چلھا ۽ ڇيڻا کڻي سئي سدرن گئس آفيس دادو آڏو احتجاج ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.