حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي واسي جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي جي رهواسي قمبر قريشي پلاٽ تي قبضي جي ٿيندڙ ڪوشش خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون بک هڙتال ڪندي الزام هنيو ته محمدي ٽائون جو بااثر بلڊر سندن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس پلاٽ 9 هزار 2 سو فٽ سيشن ڪورٽ ڄامشورو جي پويان آهي، ان پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته منهنجي پلاٽ سان گڏ هن پلاٽ ورتو هو ۽ هاڻ منهنجي پلاٽ تي به قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته بااثر شخص خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

ڊگهڙي ۾ تپيدار ۽ شهري وچ ۾ منهن ماري، احتجاج

ڊگهڙي(ن ع آ )مختيارڪار آفيس ڊگهڙي سيل سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ لاء آيل ڳوٺاڻي ۽ تپيدار ۾ منهن ماري هڪ ٻئي مٿان رشوت وٺڻ ۽ جوتا لاهي الرون ڪرڻ جا الزام،سپروازنگ تپيدار سرڪل ڊگهڙي مهيش ڪمار مختيارڪار آفيس ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته سيل سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ لاء آيل شخص نالي سليم ڪلوئي کي مون چيو ته کاتي جا ضروري رڪارڊ قانون موجب اسڪيننگ لاء ويل آهي اتان اچڻ بعد تنهنجو سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪنداسين   جنهن تان هن مڇرجي مونسان گارگند ڪئي ۽ جوتا لاهي منهنجي مٿان الرون ڪيون آهن اهڙيي حرڪت خلاف مون پنهنجي بالا آفيسرن کي پڻ آگاھ  ڪري ڇڏيو آهي،ٻي طرف سليم ڪلوئي ۽ اسلم ڪلوئي پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته اسان پنهنجو جائز ڪم سيل سرٽيفڪيٽ ٺھرائڻ لاء لڳ ڀڳ چار مهينا اڳ تپيدار لاکو ڀيل وٽ آياسين ته تپيدار اسانکان ٽيھ ھزار روپيا رشوت طلب ڪئي جيڪا رشوت پڻ اسان کيس ڏنيسين ان باوجود اسانکي چار مهينا آفيس جا چڪر ڪاٽڻا پيا. اڄ جڏهن اسان ٻيهر آفيس پهتاسين ته اتي موجود سپروائزنگ تپيدار مهيش ڪمار سيل سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪرڻ لاء الڳ رشوت گهري جيڪا اسان ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيوسين ته تازو آيل ٻوڏ سبب اسانجا فصل ٻڏي ويا زمينون اڃان تائين برسات جي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن اسان  کيس رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته تپيدار مهيش ڪمار اسان خلاف ڪوڙا الزام مڙهي رهيو آهي۔

ادبي سنگت حيدرآباد جي چونڊن لاءِ ڪميٽي وٽ 6 فارم پهتا

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪاميٽي وٽ شيڊيول موجب 6 ڇھ فارم پهتا.سيڪريٽري ،جوائنٽ سيڪريٽري،خزانچي ۽ ڪائونسلر  لاءِ ھڪ ھڪ فارم جڏهن ته آڊيٽر تي ٻه 2 فارم پهتا گلشير ڪوريجي آڊيٽر جي عھدي تي بيٺل  علي اڪبر شائق جي حق ۾ ھٿ کنيو نتيجي طور مولا بخش محبتي سيڪريٽري،سليم چنا جوائنٽ سيڪريٽري،نظير ملڪاڻي خزانچي،علي اڪبر شائق آڊيٽر ۽ تاج جويو ڪائونسلر طور بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا.اھڙي پڏرائي ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽  چونڊ ڪاميٽي جي چيئرمين غلام مصطفي سولنگي،سيڪريٽري شفيع چانڊيي ۽ ميمبر اڪرم بخارائيء ھڪ پريس پڌرائي ۾ ڪئي.

پنجاب ۾ فوت ٿيل فوجي جوان جو ڪوٽ غلام محمد لڳ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪوٽ غلام محمد(ن ع آ )پنجاب ۾ دوران ڊيوٽي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويل پاڪ آرمي جي جوان جي فوجي اعزاز سان سندس ڳوٺ ڀرسان مٽي ماوُ حوالي ڪيو ويو ،خبرموجب؛،پنجاب ۾ دوران ڊيوٽي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويل پاڪ آرمي جي جوان 45 سالا حوالدار محمد اسلم ولد مقبول احمد جو مڙه ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ديه 294 جي ڳوٺ ديال گڙه آندو ويو ،جنهن جي نماز جنازه ۾ سنڌ سرمست بٽالين ڇوڙ رجمنٽ جي ڪرنل سجاد ۽ ڪئپٽن عثمان ناصر فوجي دستي سان شهيد کي سلامي پيش ڪري گلن جي چادر چاڙهي مٽي ماوُ حوالي ڪيو ويو .،جڏهن ته فوتي جي پٽ ۽ والد کي پاڪستان جو جهنڊو پيش ڪيو ۽ تعزيت ڪئي ،

 جهوڪ شريف ۾ مزدوري ڪندي اعجاز خاصخيلي دل جو دورو پوڻ سبب فوت

جهوڪ شريف ( ن ع آ) جهوڪ شريف ويجهو مزدوري ڪندي ستاويه ساله نوجوان اعجاز خاصخيلي دل جو دئورو پوڻ سبب فوت تفصيل موجب جهوڪ شريف ويجهو خان محمد رائيس مل تي مزدوري ڪندڙ ستاويه ساله نوجوان اعجاز خاصخلي مزدوري ڪندي اچانڪ کيس دل جو دئورو پئجي پوڻ ڪري فوت ٿي ويو.  جنهن کي مائٽ سندس اباڻي ڳوٺ سن کڻائي ويا,جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو  فوتي جي مائٽن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڇڏيو آھي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪريون پيا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.