ملير ۾ ايس ٽي پي جو نادرا خلاف احتجاج

ملير (ڊ.ر) نادرا گلشن حديد جي عملي جي عوام دشمن رويي خلاف ايس ٽي پي ملير پاران نادرا آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو، نادرا عملو عوام سان ناروا سلوڪ ڪري رهيو آهي، نادرا آفيس ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن مقامي ماڻهن جا ڪارڊ ٺاهڻ ۾ بيچيدگيون پيدا ڪري سنڌ دشمني ڪري رهيو آهي، نادرا عملي کي هٽائي عوام سان انصاف ڪيو وڃي، اڳواڻ، خبر موجب ؛ نادرا گلشن حديد عملي جي عوام دشمن رويي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ملير پاران خير محمد مگسي، شبير چانڊيو، اعجاز سولنگي، اصغر مگسي جي اڳواڻي ۾ نادرا آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نادرا عملو عوام سان ناروا سلوڪ ڪري رهيو آهي، نادرا گلشن حديد برانچ ۾ ويٺل افسر نالي آفيسر جيڪو ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن آھي اھو ھتان جي رھواسين جا ڪارڊ ٺاھڻ ۾ پيچيدگيون پيدا ڪري سنڌ دشمني ڪري رهيو آهي، جڏھن ته ھي جعلي ڪارڊ ٺاھڻ سان گڏوگڏ رشوت عيوض غير ملڪين جا ڪارڊ ٺاھن ٿا، اڳواڻن چيو ته فوري جاچ ڪري عملي کي ھثايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان مرحليوار تحريڪ ھلائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.