فريد آباد ۾ گنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ احتجاج

فريدآباد (  ن ع آ   ) فريدآباد ۾ جبري گنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي آزادي لاءِ مسلسل بک ھڙتال  اٺين ڏينھن جاري رھي بک ھڙتال ۾ وارثن سياسي سماجي اڳواڻن بک ھڙتال جي ڪنوينر راجا مزمل خاصخيلي، سندس ڀاءُ حاجي خان خاصخيلي، اسدالله سنڌي، حسين بشير سنڌي، عارف عمر، عباس شفيع خاصخيلي، اعجاز علي ۽ علي اصغر سميت ٻين ڳوٺاڻن شرڪت ڪري نوجوانن جي جبري گمشدي خلاف نعريبازي ڪري آزادي جو مطالبو ڪيو ھنن چيو ته اسان جي نوجوانن کي بي گناھ کنڀي گم ڪرڻ کي 9 مھينن کان مٿي عرصو گذري ويو آھي پر اسان جي نوجوانن جو ڪو بـ ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو ھنن چيو تـ بلوچستان پشتون ۽ سنڌ جي نوجوانن کي پنھنجي وطن جي مالڪي ڪرڻ تان  بيگناھ کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي اسان جي نوجوانن جو ڪنھن تنظيم سان واسطو ناھي پوء بـ انھن کنڀي گم ڪيو ويو آھي.  ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ـ انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانجي بي گناھ نوجوانن رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي جبري گمشدگي جو نوٽيس وٺي انھن کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ آزاد نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رھندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.