اين ٽي ڊي سي سربراهه برطرف ڪري انڪوائري ڪميشن جوڙي وڃي: امتياز شيخ

ڪراچي ( رپورٽر ) توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيجڪمپني ( اين ٽي ڊي سي ) جي سربراهه کي برطرف ڪرڻ جي گهر ڪندي معاملي جي انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي، صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته صرف هڪ پاور پلانٽ سبب پوري ملڪ جو نظام ويهجي وڃڻ فڪر واري ڳالهه آهي، هن چيو ته 16 ڪلاڪ گذرڻ باوجود توانائي واري وزارت فالٽ تلاش نه ڪري سگهي، فوري طور  انڪوائري ڪميشن جوڙي وڃي جنهن ۾ صوبن جي به نمائيندگي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته قومي ادارن لاءِ اها فڪر واري ڳالهه آهي ته صرف هڪ پاور پلانٽ سبب پوري ملڪ جو سسٽم ويجهي ويو وري ان جو سبب به ملي نه سگهيو. ملڪ ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون توانائي واري وفاقي وزارت جي نا اهلي ۽ ناڪامي آهي، اين ٽي ڊي سي ۾ صوبن جي نمائيندگي نه هجڻ سبب چيڪ اينڊ بيلنس جو سسٽم ئي ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.