گهوٽڪي جو رٽائرڊ انجنيئر محمد هاشم ڌانڌو سکر جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي جو رٽائرڊ ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد هاشم ڌانڌو بيماري سبب سکر جي اسپتال ۾ داخل هو جنهن بعد ڪجهه عرصو عليل رهڻ بعد اسپتال ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، سندس مڙه سکر کان پنهنجي اباڻي ڳوٺ سجاول ڌانڌو آندو ويو جتي سون جي تعداد ۾ معزز شهرين،ڳوٺاڻن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ، بعد کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.  سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

سکر ۾ پاڪستان غريب عوام پارٽي جي ٻئين سالگرهه ملهائي وئي

سکر( رپورٽر) پاڪستان غريب عوام پارٽي جي ٻئين سالگرهه ملهائي وئي، تقريب دوران مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وقار سومرو، عبيد سومرو، سرفراز پنهيار، نصير گوپانگ ۽ ٻين چيو ته پاڪستان غريب عوام پارٽي رڳو سکر جي مظلوم عوام جي ڳالهه ناهي ڪري رهي بلڪه سڄي سنڌ جي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ڪري رهي آهي. اسان سڀ عوامي پارٽي جي نمائندن سان گڏ آهيون. ٻن سالن دوران مختلف مسئلن جي حل لاءِ جدوجھد ڪئي وئي آهي. جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.