عمران خان کي ڪهڙو خوف آهي جو ڪوئيٽا نه ٿو وڃي: پلوشه خان

اسلام آباد( م ڊ) پ پ اڳواڻ پلوشه خان چيو آهي ته عمران  خان کي ڪهڙو خوف آهي جو ڪوئيٽا نه ٿو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پلوشه خان چيو ته شيخ رشيد ڌرڻي وارن کي ڇا ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته زلفي بخاري ۽ ٻين وزيرن جي قومي سطح تي ڪهڙي حيثيت آهي. پلوشه خان چيو ته عمران خان کي سمجهڻو پوندو ته هو صرف بني گالا جو وزيراعظم ناهي. هن چيو ته انساني حقن جي وزير شيرين مزاري ڪاٿي آهي، هن  بيان ئي ناهي ڏنو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.