چانڊڪا ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ نثار کهڙو سرگرم، ملاقاتون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو ڪالھ پنهنجي رهائشگاهه تي  چانڊڪا اسپتال جي ملازمن ۽ ايم ايس وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري معاملي تي پيراميڊيڪل اسٽاف جي صدر ضمير سانگي ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقات ڪئي. ملازمن صوبائي وزير کي ٻڌايو ته اسان جي ڪجھ ملازمن کي ايم ايس لاڙڪاڻو انتقام جو نشانو بڻائيندي کين لاڙڪاڻي مان ڪراچي بدلي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجھ ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن جنهن ڪري ملازم سفر ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ملازمن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ملازمن جا جائز مسئلا تمام جلد حل ڪيا ويندا. هوڏانهن صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ملازمن جي مسئلي بابت پي پي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو سان فون تي رابطو ڪري کيس هدايت ڪئي ته ملازمن جا جائز مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.