سنڌ سڀا اڳواڻن جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري

حيدرآباد/ فريد آباد ( رپورٽر+ ن ع آ ) لانگ مارچ مان گرفتار ڪيل سنڌي انعام سميت ڇهن ڄڻن مٽياري لاڪپ ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ٽئين ڏينهن به جاري رکي،جڏهن ته کنڀيلن جي آزادي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا جو ڌرڻو۽ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري آهي.کنڀي گم ڪيل سنڌين جي آزادي لاء اوٻاوڙو مان گرفتار ڪيل سنڌ سڀا اڳواڻن سنڌي انعام، نور باگڙي،اي ڊي راهمون، شبير لغاري,، شعيب چانڊيو، اصغر شيخ جي لاڪپ اندر ٽئين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي. حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا جو ڊاڪٽر نذير کوکر، نعيم سنڌو، سنڌو امان چانڊيو,،حاني بلوچ ۽ شازيا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري آهي جڏهن ته ڌرڻي ۾ جهوني قومپرست ڪارڪن حسين سنڌي جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ٻئي ڏينهن به جاري آهي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ سڀا جي اڳواڻن چيو ته ملڪي آئين تقرير، تحرير ۽ ڪنهن به اختلاف تي احتجاج ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو، اسان اهو حق استعمال ڪندي پنهنجن پيارن جي آزادي لاء لانگ مارچ شروع ڪيو پر اسان جي رستا روڪ ڪري اهو حق به استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويو. فريدآباد ۾ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ۽ فريدآباد جي ٻن ڀائرن امتياز علي ۽ رياض خاصخيلي جي آزادي لاءِ وارثن پاران بک ھڙتال شروع ڪئي وئي آهي، بک ھڙتال ۾ وارثن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ بک ھڙتال جي ڪنوينر راجا مزمل خاصخيلي، مدثر خاصخيلي، عارف ۽ ٻين فريدآباد شاھ گودڙيو روڊ تي پنھنجي پيارن جون تصويرون ھٿن ۾ کڻي آزادي لاء بک ھڙتال جاري رکي، بک ھڙتال ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سورھ سنڌي جسقم ڪراچي اڳواڻ سيد زمان شاھ پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.