ڪي اين شاهه ۾ ميونسپل ڪميٽي جي برطرف ملازمن جو احتجاج

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاھ ميونسپل ڪاميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن جو بحالي ۽ رهيل پگهارن لاءِ منير آرائين، سڪندر ڪنڀر،  زاهد ڀٽي، صادق کوسو، خادم لانڊر، واحد لغاري ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ 57 هين ڏينهن به ڪميونٽي سينٽر کان علمدار چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي برطرف ٿيل ملازمن دانهيو ته اسان کي 2011 ۾ ميونسپل ڪميٽي ۾ ميرٽ تي نوڪريون مليون هيون اسان ايمانداري سان ڊوٽيون ادا ڪندا هيا سين ان باوجود به اسان کي ميونسپل انتظاميا بنا جواز جي نوڪرين تان غير قانوني طور تي بغير نوٽيس جي برطرف ڪري پگهارون بند ڪري اسان کي بيروزگار ڪري ڇڏيو اسان جي گهرن ۾ فاقاڪشي سبب ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو بحال ڪري پگهارون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.