مبارڪپور ۾چورن تر تپائي ڇڏيو، 2 وارداتون

مبارڪپور (ن ع آ) مبارڪپور ۽ آسپاس جي علائقن مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي جڏهن ته چورين جي وارداتن آڏو پوليس بيوس  بڻجي وئي آهي وڌندڙ بدامني سبب رهواسين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ چوري جون وارداتون روزانو ڪا به رات چوري کان خالي نه بڻي  آهي  مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ئي رات چوري جون ٻه وارداتون ڪيون ويون آهن مبارڪپور ٿاڻي جي حد چورن جو راڄ قائم  ڳوٺ هالاڻي ڪٽو مان چورن پريم پٽ فيروز باگڙي جي گهر ۾ چور کاٽ هڻي سي ڊي 70 2018 موٽر سائيڪل ۽ ٻه ٻڪريون چوري ڪري ويا ساڳئي رات  جڏھن ته ڳوٺ محمد صادق بروهي ۾ نامعلوم چورن ڀورل ٽانوري جي گهر ۾ کاٽ هڻي ڀلوڙ مينهن ڪاهي ويا ، جڏهن پيرا بيگاري جي پوچڙي ڀرسان گم ٿي ويا ،هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين ايس ايس پي جيڪب آباد  کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺِي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، مبارڪپور ٿاڻي تي مقرر ٿيل ايس ايڇ او کي هٽائي ايماندار ايس ايڇ او کي مقرر ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.