جبري گمشدگين خلاف پنڌ مارچ بلڙي پهچي ويو

بلڙي شاھ ڪريم( ن ع آ ) جبري گمشدگين خلاف ڪراچي کان نڪتل پيادل مارچ رات بلڙي شهر ۾ ترسڻ کانپوءِ ڪپور اسٽاپ تي پهچي   ويو، بلڙي شاھ ڪريم ۾ عبدالواحد آريسر جي دوست حاجي يارمحمد ڪيهر، صوفي ضياء الدين ميمڻ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ضلع ڪور گروپ ڪو آرڊينٽر عثمان پنهور حنيف سولنگي ۽ ساٿين قافلي جي رهائيش سميت کاڌ خوراڪ جي ميزباني شانائتي نموني ڪئي بلڙي شاھ ڪريم جي مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شهرين جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيا چانڊيو، هاني بلوچ، رزاق عاصي، سنڌ سڀاء جي اڳواڻ انعام عباسي، جست جي انور بڙدي ۽ جبري گرفتار قومي ڪارڪنن جي وارثن تي گلن جي ورکا ڪري اجرڪون اوڍائي  آجيان ۽ موڪلاڻي ڪئي ان موقعي تي  اسلم خيرپوري، شازيا چانڊيو، حاني بلوچ، سنڌ سڀاء جي انعام عباسي چيو ته ظلم جي انتها آهي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.