تلاشي جي بهاني رستا روڪ سنڌي ماڻهن سان ناجائزي سمجهان ٿو: رياض چانڊيو

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کيس قاسم آباد جي علائقي علي پيلس ڀرسان روڪي ناحق هيڊ ڪواٽر ۾ رکي هن جي هٿيارن سان فائرنگ ڪئي. هن چيو ته هو نواز شاهه ڀاڏائي پاران ڏنل ناشتي واري دعوت کان موٽي رهيو هو ته  رينجرز اهلڪارن تلاشي جي بهاني علي پيلس ڀرسان رستي ۾ روڪي ورتو ۽ هٿيارن جا لائسنس پڻ چيڪ ڪيا ۽ ان دوران کيس هيڊ ڪواٽر ۾ وٺي وڃڻ بعد  هن جي هٿيارين سان فائرنگ ڪري هٿيار واپس ڪيا. جڏهن ته فائرنگ جو سبب معلوم ڪرڻ بعد به کيس ٻڌايو ويو ته انهن جي هٿيارن جي فارنزڪ ڪرائي ويندي. هن چيو ته سندس رستا روڪ قانوني ۽ اخلاقي طرح غلط هئي، هن چيو ته هو  اهڙي رستا روڪ کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ناجائزي سمجهي ٿو ، هن چيو ته هن جا سمورا هٿيار قانوني ۽ نادرا وٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن. هن چيو ته تحفظ سنڌ ريلي کان پوءِ سنڌ لاءِ  آواز اٿاريندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف اهڙيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته هن جي غيرقانوني حراست ۾ وٺڻ ۽ سندس هٿيارن سان فائرنگ ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي. ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي. آڪاش ملاح ۽ ٻيا موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.