منهنجون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيو: زائرا وسيم جي مداحن کي درخواست

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڇڏيندڙ زائرا وسيم مداحن کي پنهنجون تصويرون ڊليٽ ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

والاريل ڪشمير سان واسطو رکندڙ زائرا وسيم گذريل سال اسلام خاطر بالي ووڊ کي الوداع چئي ڇڏيو هو ۽ اهڙي فيصلي تي تنقيد کانپوءِ هن پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽ به بند ڪري ڇڏيا هئا.

هاڻ زائرا وسيم مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ”فين پيجز“ سان سندس تصويرون هٽائي ڇڏين.

سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ زائرا وسيم چيو ته مان زندگي جو نئون دور شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان ۽ مداحن کي درخواست ٿي ڪيان ته اهي منهنجون تصويرون هٽائين ۽ فين پيجز تان به هٽائڻ جو چون.

سندس چوڻ هو ته مان ڄاڻان ٿي انٽرنيٽ تان تصويرون هٽائڻ ڏکيو آهي پر پوءِ به مداحن کي درخواست ٿي ڪيان ته منهنجون تصويرون شيئر نه ڪيون وڃن.

واضح رهي ته زائرا وسيم پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 2016 ۾ ”دنگل“ کان ڪئي هئي، جنهن ۾ هن عامر خان جي ڌيءُ جو ڪردار نڀايو هو، جنهن کي ڀرپور موٽ ملي هئي.

زائرا وسيم فلم ”سيڪريٽ اسٽار“ ۾ پڻ مک ڪردار نڀايو هو ۽ کيس مختصر ڪيريئر ۾ ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.