ڄامشورو :سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ نادرا ويرفڪيشن ون ونڊو ڊجيٽل سينٽر قائم

ڄامشورو سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ نادرا ويرفڪيشن ون ونڊو ڊجيٽل سينٽر جي بنياد رکڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي،ان موقعي تي سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل منير سومرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ بلديات جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي حڪم تي اسلام آباد کان آيل نادرا ويري فڪيشن ٽيم سان گڏ سيھوڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ون ونڊو ڊجيٽل سينٽر قائم ڪيو آهي جنهن جو ٽرائل بيس تي ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آھي، هن چيو سنڌ ۾ هي پهرين اٿارٽي آهي جيڪا نادرا سان ڪنيڪٽ ڪئي وئي آهي جنهن سان الاٽيز جا فائل محفوظ ٿي ويندا. ۽ ون ونڊو اسڪيم تحت پلاٽن جا الاٽيز فائيل بغير ويريفڪيشن جي ٽرانسفر نه ٿي سگھندا، هن چيو ته  ايس ڊي اي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون .

رپورٽ- صدر جوڻيجو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.