کپرو ۽ دارا واهڻ  ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ تقريبون

کپرو ۽ دارا واهڻ  ۾ جشن عيد ميلاد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ تقريبون ڪوٺائي حضور صلي الله عليه وسلم جن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ، کپرو ۾ مدرسا صبغت البرڪات ۾ حافظ عطا محمد راڄڙ سڪندري جي زير نگراني ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ خطاب  ڪندي مفتي محمد عرفان سڪندري ، مفتي احمد علي سڪندري ،شيراز احمد ، حافظ غلام الله ۽ ٻين  چيو تـ اسان پنهنجي آقا حضرت محمد صلي الله عليـ وآله وسلم جي آمد جي خوشي  ۾ جھرجھنگ ۾ خوشيون ملهائينداسين ، گورنمنٽ ھائي اسڪول ڪيمپس داراواھڻ پاران تقريب  ۾ استادن شاگردن ۽ شاگردياڻين  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي ھيڊ ماستر استاد سيدخادم حسين شاه ۽ ٻين سرڪار دوعالم سرورڪائنات حضرت محمدمصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته اسان جو پيارو نبي صلي الله عليه وسلم ٻنهين جهانن جو سردار آهي ، سندس آمد اسان سڀني لاءِ خوشي جو باعث آهي ،.

کپرو ۽ دارا واهڻ  ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ تقريبون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.