گهوٽڪي جون شوگر ملون پنهنجو قبلو درست ڪن: ڊي سي گهوٽڪي

ميرپورماٿيلو(ن ع آ)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله چيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي جون شوگر ملون پنهنجو قبلو درست ڪن، آبادگارن سان زيادتي برداشت  نه ڪئي ويندي، ڪورونا جي پيش نظر ايس او پي تي عمل نه ڪيو ويو ته مل کي سيل ڪري ڇڏينداسون، مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ ترجيح ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ ضلعي جي پنجن ئي شوگر ملز جي عملدارن سان ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊي ايس پيز، موٽر وي پوليس عملدارن ۽ مختيارڪارن شرڪت ڪئي.

ڏوڪري ڀرسان جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان محفل نعت ۽ جلسو

ڏوڪري (ت ر)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ محمد پريل ابڙو ۾ جشن عيد ميلاد نبي جن جي حوالي سان محفل نعت ۽ جلسو ڪرايو ويو. ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ محمد پريل ابڙو ۾  فدا حسين ابڙو، غلام مصطفي ابڙو، حاجي اياز حسين ابڙو، عرفان ابڙو، عمران ابڙو, فيصل ابڙو، محمد اسلم ڪلهوڙو ۽ ٻين پاران آقا محمد مصطفي ﷺ جن جي آمد جي حوالي جشن عيدالميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان محفل نعت ۽ جلسو ڪرايو ويو. جلسي کي منور حسين راشدي، مولوي عبدالفتاح ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته آقا محم1 ڪالم

ٺل واسي سياسي اڳواڻ جو پٽ دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ٺل (ن ع آ) ٺل جي سياسي اڳواڻ نانا خير محمد کوسو جو پٽ ٺل جي سوشل ورڪر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ رويد احمد کوسو جو والد بشير احمد کوسو ڪالهه دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو  ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين الين آکين سان ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران حاجي خير محمد کوسو,رويد احمد کوسو ۽ ٻين سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

گهوٽڪي سنڌ بار ڪائونسل اليڪشن شيڊول جي اعلان بعد چونڊن جون تياريون عروج تي پهچي ويون

گهوٽڪي( ڊ ر )گهوٽڪي سنڌ بار ڪائونسل اليڪشن 2020 جي شيڊول جي اعلان کان پوءِ گهوٽڪي ۾ چونڊن جون تياريون عروج تي پهچي ويون، راجپوت  لائيرز فورم پاران پروگريسو پينل جي اميدوارن جي مان ۾ آجياڻو، خبرموجب سنڌ بار ڪائونسل جي اليشڪن جي تيارين جو سلسلو جاري آھي ان سلسلي ۾ راجپوت لائيرز فورم گهوٽڪي پاران گهوٽڪي جي مقامي هوٽل ۾ پروگريسو لائيرز فورم پينل جي اميدوارن، گهوٽڪي جي اميدوار ايڊوڪيٽ عبدالرزاق مهر، نوابشاه جي اميدوار ضياء الحسن لنجار، سکر جي اميدوار قربان ملاڻو، نوشهروفيروز جي عبدالستار لهراڻي، خيرپور جي ياسرعرفات شر، سکر 2 جي اميدوار شفقت رحيم راجپوت جي مان آجياڻو ڏنيو ويو، جنهن ۾ راجپوت لائيرز فورم جي ايڊوڪيٽ رائو آصف علي، ايڊوڪيٽ رائو رياض احمد، رائو محمد لقمان، راڻا جاويد،ايڊوڪيٽ راڻا ساجد، راڻا ممتاز، راڻا رياض، رائو ساجد علي، ايڊوڪيٽ راڻا آفتاب،  ايڊوڪيٽ رائو عابد علي، رائو نديم اختر، سميت گهوٽڪي بار جي وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.