چين جي اڳواڻي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو واپاري بلاڪ قائم

بيجنگ(م ڊ) دنيا جي 15 ملڪن گڏجي دنيا جو سڀ کان وڏو واپاري اتحاد قائم ڪري ورتو آهي جيڪو عالمي معيشت جو تقريبن  ٽيون حصو بڻجي ٿو، ريجنل ڪامپري هينسو اڪنامڪ پارٽنرشپ (آر سي اي پي) ۾ ڏکڻ ڪوريا، چين، جاپان، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ سميت 10 ڏکڻ اولهه ايشيائي ملڪ شامل آهن، ان معاهدي کي چين جي خطي ۾ وڌندڙ اثر رسوخ طور ڏٺو پيو وڃي، ان معاهدي ۾ آمريڪا کي شامل ناهي ڪيو يوو جنهن 2017ع ۾ هڪ مخالف ايشيا پيسيفڪ واپاري معاهدي تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، گذريل 8 سالن کان آر سي اي پي بابت ڳالهيون جاري هيون، آخرڪار ان معاهدي تي آچر تي ويتنام جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ ايسوسيئيشن آف سائوٿ ايسٽ نيشنز جي ورچوئل اجلاس جي موقعي تي صحيحون ڪيون ويون، ان معاهدي ۾ شريڪ اڳواڻن کي اميد آهي ته ان ڪري ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي ڪري پيدا ٿيندر بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي، چين جي وزيراعظم لي ڪيچيانگ جو چوڻ آهي ته موجوده عالمي صورتحال مطابق آر سي اي پي جي معاهدي تي 8 سالن کانپوءِ ڳالهين کانپوءِ صحيح ٿيڻ اميد جو هڪ ڏيئو آهي، ڀارت به انهن ڳالهين جو حصو هو پر ان طرفان گذريل سال عليحدگي اختيار ڪئي وئي ڇو ته ڀارت مطابق ان معاهدي ۾ ڏنل محصول مقامي واپارين لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، ڀارت جي زرعي لابي کير ۽ گاڏيون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين کي خدشو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي منڊي کي ايشيا پيسيفڪ ملڪن لاءِ کوليو ويو ته نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۽ چين جهڙن ملڪن جي سستي ۽ بهتر مصنوعات سان انهن جو ڪاروبار برباد ٿي ويندو، مبصرن مطابق چين لاءِ خاص طور تي اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي ڇو ته آمريڪا جي ابتڙ هاڻي بيجنگ عالمي سطح تي آزاداڻي واپاري ۽ گڏيل سهڪار جو مثال بڻجي اڀري رهيو آهي، جاپان سميت ٻين ملڪن کي اميد آهي ته اڳتي هلي ڀارت به ان واپاري بلاڪ جو حصو بڻجي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.