ڏهرڪي: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

ڏھرڪي ڀرسان سميجا برادري وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مصطفي آباد ڪالوني ۾ سميجا برادري جي ٻن ڌرين ۾  پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن  جي نتيجي ۾ لٺيون  لڳڻ سبب غلام علي. احمد علي. عبدالرزاق. سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن  جن کي سرڪاري اسپتاح ۾ علاج لاء آندو ويو آهي.

واقعي جي  رپورٽ ڏھرڪي ٿاڻي تا داخل ڪئي وئي آھي.

زخمي غلام النبي سميجو صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته  جوابدارن. نبي بخش. محمد بخش. ۽ ٻين  سندن گهر ۾ گهڙي ھٿيارن جي زور تي اسان جي ماڻھن کي مارڪٽ ڪري اسان جي چوديواري جو تقدس پائيمال ڪري ظلم ڪيو آھي

هن اعليٰ  اختيارين کان گھر ڪئي آھي ته جوابدار بااثر آھن ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.