کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ پنڌ مارچ ٺٽي پهچي ويو، مڪلي ۾ شاندار آجيان

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي+شبير ڀٽي)سنڌ جي کنڀي  گُم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان نڪتل پيادل لانگ مارچ قافلو پنجين ڏينهن تي ٺٽي پهچي ويو، مڪلي تي شاندار آجيان. سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتل پيادل مارچ جو قافلو 5 ڏينهن جو سفر ڪري مڪلي جي تاريخي ماڳ تي پهتو، جتي مختلف ڌُرين پاران سندن آجيان ڪري مٿن گل نڇاور ڪيا ويا، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي انعام عباسي، ڊاڪٽر نظير کوکر، رزاق آسي، نعيم سنڌو، کنڀي گُم ڪيل نوجوان عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، ڀيڻ شازيه چانڊيو، کنڀي گم ڪيل نسيم بلوچ جي مڱيندي هاني بلوچ، فيصل آرائين جي امڙ بشيران آرائين ۽ ٻين چيو ته  سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن کي اڃا تائين ظاهر نٿو ڪيو وڃي، سندن زندگين لاء فڪرمند آهيون، فوري طور کين ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ھنن چيو تہ سندن آزادي تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو ۽ پيادل مارچ جو قافلو راولپنڊي ڏانهن روان دوان هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.