درد جو داستان بڻيل عورت جون پوليس کي دعائون

ڪنڌڪوٽ:زيادتي جو شڪار بڻيل معصوم نينگري عليشا ۽ سندس امڙ تبسم کي جوابدار رفيق ملڪ جي موت جي خبر ملڻ بعد درد جي داستان بڻيل متاثر عورت تبسم پاران پوليس لاءِ دعائون گهريون ۽ خوشي جو اظهار ڪيو هن چيو ته جنهن نموني ڪشمور پوليس جوابدارن کي سزا ڏني اها پوري دنيا لاءِ مثال بڻجندو

واقعي تي ننڊ ڦٽي وئي، عليشا کي انصاف ڏياربو: ايس ايس پي ڪشمور

ڪنڌڪوٽ:ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو  چوڻ هو ته 3 ڏينهن تائين ننڊ نه هئي هن چيو ته جنهن ڏينهن کان اهو معاملو ٿيو ننڊ ڪرڻ جي باوجود ننڊ نه پئي اچي . هن چيو ته طئي ڪري ڇڏيو هو ته جيتري تائين معصوم نينگري عليشا سان انصاف نه ٿيندو ايستائين ننڊ نه ڪندس هن چيو ته اهڙا واقعا پوري معاشري جو ڪنڌ شرم سان جهڪائن ٿا

سوشل ميڊيا تي خوشي جي لهر، وڪيل جوابدارن جو ڪيس وڙهڻ کان انڪاري

ڪنڌڪوٽ:رفيق ملڪ جي مارجڻ جي خبر ضلعي ۾ پوڻ شرط ئي شهرين ۾ خوشي جي  لهر ڇائنجي وئي ۽ سوشل ميڊيا تي پوليس جي ڪارگردگي کي سلام پيش ڪيو ويو ۽ سوشل ميڊيا تي شهرين اظهار ڪيو ته نه چالان نه انويسٽيگيشن جوابدار کي بروقت سزا سلام جڏهن ته صحافي حلقن وڪيل  برادري به پوليس جي ڪاروائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته وڪيل برادري پاران جوابدارن جو ڪيس وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ معصوم عليشا جي ڪيس لاءِ سوين وڪيل گڏ ٿي ويا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.