جو بائيڊن 5 ڀيرا شادي جي آڇ ڪئي، بعد ۾ حامي ڀري: نئين خاتون اول

واشنگٽن ( م ڊ ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن جي گهرواري ۽ نئين خاتون اول  ڊاڪٽر جل بائيڊن چيو آهي ته جو بائيڊن کيس شادي لاءِ 5 ڀيرا آڇ ڪئي، جنهن بعد وڃي هن حامي ڀري. هن ٻڌايو ته 1975 ۾ جو جي ڀاءُ سندس ملاقات ڪرائي، ان وقت سينيٽر هو ۽ هوءَ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهي هئي. هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن جو ( جو بائيڊن ) سندس گهر جي دروازي تي آيو، کيس سپورٽ ڪوٽ ۽ لوفر جوتا پتال هئا، گهٽ ۾گهٽ مونکان 9 سال وڏو هو. هن ٻڌايو ته کيس 5 ڀيرا شادي جي آڇ ڪئي وئي، جنهن بعد هن هامي ڀري، اسان جي 1977 ۾ شادي ٿي، سندس ڌءُ ايشلي 1981 ۾ پيدا ٿي، سندس پٽ بيومئي 2015 ۾ 46 سالن جي ڄمار ۾ عمر ۾ ڪينسر وگهي فوت ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.