ڄامشورو: آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن پاران احتجاجي تحريڪ جو اعلان

آل سنڌ يونيورسٽيز امپلائيز فيڊريشن  پاران مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو  ۾ اجلاس ڪوٺائي 5 نومبر احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان  ڪيو ويو ، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۾ آل سنڌ يونيورسٽيز فيڊريشن جو اجلاس فيڊريشن چيئرمين  محمد علي گهانگهرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو , اجلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي , مهراڻ , يونيورسٽي , قائد عوام يونيورسٽي , شاھ لطيف خيرپور يونيورسٽي , شهيد بينظير وٽنري يونيورسٽي , لاڙڪانه ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي سميت 22 يونيورسٽين جي ملازم اڳواڻن علي محمد شورو , نور هليو , ذولفقار علي رستماڻي , شڪيل چانڊيو , اي ڊي ناريجو , عبدالرشيد گوپانگ , شبير بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،  ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو يونيورسٽين انتظاميائن توڙي حڪمران ڌرين ۽ ايڇ اي سي کي ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ مطابق مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن تنهن ڪري 05 نومبر 2020 کان سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ مرحلي وار تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.