نوابشاهه : قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن جو مظاهرو ،بک ھڙتال

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران ٻئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي شاگردن حمايت الله ملاح،  سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري ۽ ٻين چيو ته اڄ انهن کي پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي ٻيون ڏينهن آھي ليڪن يونيورسٽي جي انتظاميه انهن جي ھڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان جا ڪورونا وائرس ۾ آن لائين ڪلاس ورتا ويا، جڏھن ته ھن وقت اسان کان آن لائين امتحان وٺڻ بجاءِ ريگيولر امتحان ورتا پيا وڃن جيڪا اسان سان انصافي آهي،ھنن چتاءُ ڏنو ته قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن جا  جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.