کپري لڳ پوليس جو ڇاپو،ناحق باندي 29 هاري آزاد

کپرو(ن ع آ ) ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو جي حڪم تي کاهي پوليس جو ڳوٺ حمزو درس ۾ ٻن زميندارن علي نواز ولد جيئند درس ۽   عزيزالله درس جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن , ٻارن سميت 29 هاري آزاد ڪرائي ورتا هارين جي آزادي لاء ڪورٽ ۾ سومرو پٽ چيلو ڀيل جي درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن تي کاهي پوليس ڇاپو هڻي هاري بازياب ڪرايا ويا آزادي ماڻيندڙ هارين ۾ شريتي سمي , راجو , حليم , گوري , تاري , مينا , سليم , ڪانڀو , شريمتي نصيبان , بالم , نرسينگ , ديارام , حرمت  , شريمتي کهيران , گومي , سيتا مانو ۽ ٻيا شامل آھن . هارين موجب زميندار اسان کان جبري پورهيو وٺندا هئا ڪوبه ڏيتي ليتي نه ڪندا هئا جڏھن ته زميندارن موجب هارين کان قرض گهرندا هئاسين قرض نه ڏيڻ تي هارين ڪورٽ جو سهارو وٺي ڪوڙو ڊرامون رچايو آهي ٻئي طرف کاهي پوليس آزاد ڪيل هارين کي سڀاڻي واسطيدار ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.