هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو گجرانوالا ۾ جلسي جي مانيٽرنگ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) 16 آڪٽوبر تي گجرانوالا ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي ۽ ريلي جي مانيٽرنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لاهور مان جاري پڌرائي ۾ ايڇ آر سي پي چيو آهي ته 16 آڪٽوبر جي جلسي جي مانيٽرنگ جو مقصد ان امر کي يقيني بڻائڻ آهي ته رياست سمورن شهرين جي پرامن اجتماع جي آزادي جي حق جو احترام ۽ تحفظ ڪري.

ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته اِهو به ضروري آهي ته ملڪ جي هر حصي ۾ شهري گڏيل طور تي پنهنجي سياسي آرا جي انتظاميا، شرڪتن ڪندڙ ۽ ڪوريج ڪندڙ ميڊيا تي جابراڻيون پابنديون نه هنيون وڃن.

هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته حڪومت کي پرامن اجتماع جي آزادي جي تحفظ جو عملي مظاهرو ڪرڻو پوندو، ان جو حق دستور پاڪستان جي آرٽيڪل 16 ۽ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي ميثاق جنهن جي پاڪستان ڌر آهي، جي آرٽيڪل 21 ۾ ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.