پني عاقل لڳ ٻارڙي تي تشدد، حالت خراب

سکر(رپورٽر) پنوعاقل ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو، معصوم ٻارڙي تي ٻار بڇي تشدد، نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل، خبرموجب پنوعاقل ٿاڻي  جي حد ڳوٺ مور جا ڪنڊا واري علائقي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جوابدار پنهنجي پٽن کي معصوم ٻار تي بڇي سخت تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي، معصوم ٻارڙي کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي. جتي تشدد جو شڪار ٿيل ٻارڙي جي پيءُ محمد پنهل صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته ڳوٺ ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ٿيل جھيڙي بعد بااثر جوابدار برڪت شيخ پنهنجي پٽن کي بڇي منهنجي پٽ علي عباسي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي. ٻارڙي تي ٿيل تشدد بعد سندس حالت خراب ٿي وڃڻ تي کيس سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آهي. واقعي جو اطلاع پنوعاقل پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس جوابدار خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ناهي ڪئي هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.