ميرپوربٺورو لڳ وات جي ڪينسر وگهي ڇهن ٻارڙن جو پيءُ فوت

سجاول (ڊ ر) ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ مولي ڏنو لاکاٽيو ۾  گلي جي ڪينسر وگهي ڇهن ٻارن جو پيءُ خميسو لاکاٽيو لاڏاڻو ڪري  ويو، ان حوالي سان فوتي خميسو لاکاٽيو  جي پٽ اڪبر لاکاٽيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد گٽڪو استعمال ڪندو هو جنهن مان کيس گلي جو ڪينسر ٿي ويو، هن چيو ته اسان غربت سبب جيڪو به هڙ ۾ هو هن جو علاج ڪرايو پر هن جي وات جو زخم گهرو ٿيندي ويو ۽ اسان غربت سبب سندس مڪمل علاج ڪرائي نه سگهيا سين، هي زندگي موت سان جنگ وڙهي وڙهي اڄ  فوت ٿي ويو.

حيدرآباد ۾حلوه پوري کائڻ بعد ٽن نارين سميت 5 ڄڻن جي حالت خراب، اسپتال داخل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي غريب آباد واري علائقي ۾ حلوه پوري کائڻ بعد ٽن نارين سميت 5 ڄڻن جي حالت خراب ٿي وئي جن  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته آرائين برادري سان تعلق رکندڙ هڪ ئي گهر جي ماڻهن شادي جي رسمن دوران صبح جو ناشتي ۾ حلوه پوري کاڌي جنهن بعد 15 سالن جي لاريب آرائين، 24 سالن جي لائبه، 22 سالن جي نمره ۽ 30 سالن جو رضوان ۽ 18 سالن جي مبشر آرائين جي حالت خراب ٿي وئي جن کي وارث بيهوشي واري حالت ۾ علاج لاءِ سول اسپتال کڻي پهتا جتي ڊاڪٽرن سندن ابتدائي طور ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج شروع ڪيو. بعد ۾ ٻن نوجوانن ۽ هڪ ناري کي صحتياب ٿيڻ سبب گهر موڪليو ويو جڏهن ته ٻن نارين جي حالت خراب هئڻ سبب کين ميڊيڪل وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته سندن خاندان ۾ شادي رٿيل هئي. رسم دوران انهن کي صبح جي وقت ۾ ناشتو ڪرايو ويو. ناشتي ۾ آندل حلوه پوري انهن سرفراز چاڙهي تان ورتي هئي. رابطي ڪرڻ تي بلديا ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته انهن پاڻمرادو حلوه پوري کاڌي جنهن ڪري سندن حالت خراب ٿي. کين ليٽر ڏئي علاج لاءِ سول اسپتال روانو ڪيو ويو جڏهن ته بيهوش ٿيلن جي وارثن پاران اڃا تائين واقعي بابت ڪا به رپورٽ داخل نه ڪرائي وئي آهي. جيڪڏهن هو رپورٽ داخل ڪرائيندا ته ان آڌار تي ڪارروائي کي اڳيان وڌايو ويندو.

لاڙڪاڻي لڳ ڪار ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ 3 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڌامراهه ٿاڻي جي حد ميروخان روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمھون سامهو ٽڪر جي نتيجي ۾ صوبي بلوچستان جي شهر نصيرآباد جو رهواسي رهواسي نوجوان امتياز ڪاڇيلا، حق نواز ۽ نادر ڪاڇيلا سخت زخمي ٿي پيا جنھن کي ڪار ڊرائيور زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٿي پنهنجي شهر نصيرآباد وڃي رهيا هئاسين ته لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان روڊ تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿياسين جتان ڊرائيور اسان کي پنهنجي ڪار ۾ کڻائي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن ڊاڪٽرن پاران زخمين جي حآلت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

باڊهه واسي 3 عورتون سيوهڻ لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي، اسپتال داخل

باڊھ (ن ع آ) لاڙڪاڻو هاء ڪورٽ جي ناليواري وڪيل لالا عبدالرشيد پٺاڻ جي امڙ پنهنجي خاندان جي ٻين عورتن سان گڏ ڪار ذريعي باڊھ کان ڄامشوري وڃي رهيون هيون ته ڄامشورو کان دادو وڃڻ واري تيز رفتار وين سيوهڻ باءِ پاس وٽ ڪار کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ڪار ڪلٽيون کائيندي اونڌي ٿي پئي۔ نتيجي ۾ وڪيل جي امڙ سميت 3 عورتون سخت ٿي پيون جن کي سيوهڻ پوليس ۽ علائقي واسين ويجهي اسپتال پهچايو جتي سندن علاج جاري آهي۔ جڏهن ته حادثي کانپوءِ وين ڊرائيور واقعي واري هنڌ وين ڇڏي فرار ٿي ويو. هوڏانهن پوليس وين تحویل ۾ وٺي رپورٽ درج ڪري ڇڏي آهي ۽ فرار ٿي ويل ڊرائيور جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ڏوڪري ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان زخمي

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ رائيس ريسرچ ڪالوني ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾  17 ورهين جو نوجوان صحبت علي جوڻيجو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي، زخمي اسپتال آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو آهي. هوڏانهن  ايس ايڇ او حضور بخش جوڻيجو ميڊيا کي ٻڌايو ته جهيڙي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زخمي نينگر جي والد اڪبر جوڻيجو جي فرياد تي جوابدارن مٿان واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن ڏوڪري پوليس الياس جوڻيجو ۽ سندس  پٽ وحيد جوڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 ميرپوربٺورو ويجھو نوجوان پاران آپگهات جي ڪوشش، اسپتال منتقل

سجاول (ڊ ر) ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ گهورام مگسي ۾ نوجوان عبدالعزيز ولد سڪندر مگسي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن پاران زخمي حالت ۾ تعلقا اسپتال ميرپوربٺورو آندو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج لاءِ پيپلز ايمبولينس ذريعي حيدرآباد اماڻيو ويو،  ٻئي طرف پوليس ٻڌايو ته نوجوان پاڻ تي فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي جاچ ڪيون پيا.

حيدرآباد حالي روڊ پوليس پاران 7 مهينا اڳ سئوٽ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد حالي روڊ پوليس 7 مهينا اڳ سئوٽ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي  آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار وقاص پٽ فخرالدين قريشي 16 فيبروري تي گهريلو جهيڙي بعد پنهنجي سئوٽ 23 سالن جي احسان قريشي کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. جوابدار خلاف مڪي شاهه ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر هو فرار ٿي ويو جنهن کي ڳجهي اطلاع تي حالي روڊ واري علائقي مان گرفتار ڪري کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.