7 ڏينهن گذرڻ باوجود موٽروي سانحي جو مرڪزي جوابدار هٿ نه آيو

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ واري ڪيس جي مُک جوابدار عابد علي کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو،  پوليس اڃا تائين جوابدار عابد علي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، بهاول نگر جي ٽن ٿاڻن تي جوابدار عابد علي خلاف وڌيڪ 3 ڪيس داخل ڪيا ويا، پنجاب جي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته خبر اٿئون ته جوابدار عابد علي ڪٿي آهي؟ هڪ ٻن ڏينهن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويندو، متاثر عورت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، تنهن ڪري کيس جاچ ۾ شامل نه ڪيو، هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته هڪ جوابدار گرفتار ٿيو آهي، ٻيو به جلد گرفتار ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.