ٻنون ۽ ڀرپاسي برساتي پاڻي بيٺل، رستا بند، بيماريون، متاثر بي يارو مددگار

ٻنون (رپورٽ: نواز سومرو)  ميرپوربٺورو تعلقي جي يونين ڪائونسل ٻنون, دڙو, بچل گگو, لائقپور, ڪنڊور, درياھ خان سوھو, جھوڪ شريف, اڪبرشاھ سميت 12 يوسيز جي سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي  اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن تي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل ڳوٺ ۽ انھن ڏانھن ويندڙ روڊ رستا اڃا تائين پاڻي ھيٺ آيل آھن، جڏهن ته پاڻي بيهڻ ڪري ڳوٺن جا شهرن سان زميني رابطا ڪٽيل آهن،  مختلف علائقن ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سميت بک, بدحالي ۽ مختلف موذي بيمارين منھن ڪڍيو آھي، ٻنون, حسين پور, لائقپور, ڪنڊور, بچل گگو ۽ ٻين يوسيز جي ڳوٺ پير محمد ڀنڀرو سميت 2 سو کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ قبرساتن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آھي، ان حوالي سان   ڳوٺاڻن محمد بچل لاشاري, اميد علي گگو, آدم پليجو, ماما اعجازسومرو, علي اڪبر ڀنڀرو, عبدالطيف شورو, وفا مشتاق لاشاري, گلزار ناھيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن،  بيمارين سبب بي يارو مددگار ويٺل آهيون، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن واهر ناهي ڪئي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.