جيڪب آباد لڳ ڦورن جي تشدد ۾ نينگر فوت، 3 زخمي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪاري

ٺل (رپورٽ:نماڻو نوناري) ٺل مان جيڪب آباد بيمار نينگر جو علاج ڪرائڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺاڻن کان ڦر جي ڪوشش دوران نينگر موٽر سائيڪل تان ڪري فوت ٿي ويو ۽ ٻارڙيءَ سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٺل جي باءِ پاس جو  رهواسي نينگر محمد خان بنگلاڻي بيمار هو جنهن جي علاج لاءِ گذريل رات سندس وارث ٺل مان موٽر سائيڪل ذريعي جيڪب آباد وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ جيڪب آباد جي هوائي اڏي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي، جنهن سبب بيمار هڪ سال جو نينگر محمد خان ولد محمد نواز بنگلاڻي موٽر سائيڪل تان ڪري فوت ٿي ويو،جڏهن ته موٽر سائيڪل تان ڪرڻ سبب 7 ورهين جي نينگري روزيه خاتون ڌيءُ شاهل بنگلاڻي، شاهل بنگلاڻي ۽ نيڪ محمد سرڪي زخمي ٿي پيا. جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا. زخمين کي جيڪب آباد جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو.  نيڪ محمد سرڪي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي. فوتي نينگر محمد خان بنگلاڻي جي لاش جو جيڪب آباد جي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نينگر جا وارث ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ويا ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن تي  هنن لاش کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرن امام بخش بنگلاڻي ،جمعو، علي گوهر، رضا محمد بنگلاڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،هنن چيو ته اسان کان ڦر جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪندي ڪاروائي ڪئي وڃي،ٻي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.