دنيا اندر جنگين سبب امن تباهه ٿي ويو آهي: نظام الدين کيبر

ٽنڊو آدم (ت ر) پاڪستان هومين رائيٽس ويلفيئر جسٽس اينڊ پيس ڪونسل پاران ورلڊ پيس آرگنائيزيشن جي سهڪار سان ايڊوڪيٽ خادم علي جمالي جي رهائش گاھه تي امن جي حوالي سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي پاڪستان هومين رائيٽس ويلفيئر جسٽس اينڊ پيس ڪونسل جي صدر نظام الدين کيبر ۽  مشهور و معروف مقرر مظهر منير  ۔ فرزانه ناز ، ايڊوڪيٽ خادم جمالي ۽ ٻين  امن جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته دنيا اندر بدامني، دهشتگردي، مختلف ملڪن ۾ جنگين سبب امن تباھ ٿي ويو آهي، ان لاءِ يونائيٽڊ نيشن ۽ ورلڊ پيس آرگنائيزيشن جو ايمبيسڊر ڊاڪٽر سيويئر جان جون ڪيل امن لاءِ خدمتون ساراھ جوڳيون آهن. جيڪو سڄي دنيا اندر امن قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ کيس تمام گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اسان سڀني جو پڻ فرض آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۽ علائقي اندر امن ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺون ۽ امن جي حوالي سان عوام ۾ سڄاڳي پيدا ڪيون.

پيراميڊيڪل اسٽاف لاءِ جدوجهد جاري رهندي: نياز خاصخيلي

لياري (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ڪراچي ڊويزن ۽ پاڪستان نرسنگ فيڊريشن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت آل سنڌ پيپلز پيرا  ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي ڪئي. ان موقعي تي نياز احمد خاصخيلي چيو ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي ۽ پيرا ميڊيڪل جي مسئلن جي حل لاءِ آخري دم تائين ڪوشش جاري رکنداسين. هن چيو ته پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ جمهوري حق آهي، جيڪڏهن مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ احتجاج ڪرڻو پيو ته آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل پوئتي نه هٽندي. سندس چوڻ هو ته اڄ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جڙي آهي، نرسنگ فيڊريشن جي مسئلن جي حل لاءِ غلام دستگير اوڍاڻو، رضوان اسٽاف نرس ليا، اسٽاف شبانه ۽ ٻئي نرسنگ اسٽاف اهو عزم ڪيو ته پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف جا مسئلا گڏجي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان حل ڪنداسين.  ان موقعي تي نياز احمد خاصخيلي، غلام دستگير اوڍاڻو، سيد منير شاهه، اسٽاف نرس رضوان، اسٽاف نرس ليا، نصرت ۽ ٻين تي ٻڌل هڪ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جوڙي وئي. ان موقعي تي سيد منير شاهه، احسان ڪلهوڙو، آفتاب قمبراڻي، ممتاز ميمڻ، بشير پنهور، عباس مهر، رفيق بلوچ، رزاق هنڱورو، اقبال چنا، فرحان ڇيپا، شفيع بلوچ، خالد بلوچ، اعجاز جعفري ڪراچي سول اسپتال ۾ ٺهندڙ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.