نوابشاهه ۾ ڪاٽن فئڪٽرين جي مالڪن جي من ماني، ڦٽي جو من پسند اگهه مقرر

نوابشاهه(رپورٽ:اڪرم چانڊيو) نوابشاهه جي آباد گارن کي ڪاٽن فيڪٽري وارا ٻنهي هٿن سان ڦُرڻ ۾ مصروف ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل وزارت تماشائي بڻيل تفصيل موجب ضلعي شهيد بينظير آباد جي آباد  گارن کي ڪورونا، ماڪڙ ۽ تازي پيل برساتن پهريان ئي نپوڙي ڇڏيو آهي انهي کانپوءِ جن غريب ۽ مسڪين آباد گارن جو ڦٽين جو فصل اڀرو سڀرو بچيو انهن مسڪينن لاءِ ڪاٽن فيڪٽرين جي انتظاميه ڪات ڪُهاڙا تيز ڪيو کين ٻنهي هٿن سان ڦُرڻ ۾ مصروف آهي.  حڪومت پاران حڪومت پاران اعلانيل ڦٽي جو في مڻ اگهه ڏيڻ بدران ڪاٽن فيڪٽريون پنهنجي من پسند اگهه تي غريب آباد گارن کان ڦٽي خريد ڪري رهيا آهن جڏهن ته في مڻ ڦُٽي تي 2 کان چار ڪلو ڪڻتو هڻڻ پڻ معمول بڻيل آهي. آباد گارن کي اگهه جي مد ۾ رليف ڏيڻ لاءِ ڦٽيون اماني رکڻ وارو سسٽم پڻ ڪارخاني دارن پاران بند ڪيو ويو آهي.  دُرست اگهه نه ملڻ ۽ غير قانوني ڪڻتو هڻڻ واري عمل خلاف آباد گارن حاڪم علي مُغيري، هدايت الله رند، همت ڀنگوار، ذوالفقار بروهي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته حالت اها آهي جو اربين کربين پتي ڦٽي جا ڪارخاني دار قدرتي آفتن جو شڪار ٿيل غريب ۽ مسڪين آباد گارن تي رحم کائي کين رليف ڏيڻ بدران مقامي پيڊي وارن ۽ واپارين کان به گهٽ اگهه ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته خاص طور تي نوابشاهه سانگهڙ روڊ تي واقع نيو ڪوهستان ڪاٽن فيڪٽري جي انتظاميه آباد گارن سان ڪلور ڪري ڇڏيا آهن في مڻ ڦُٽي حڪومت پاران اعلانيل بدران 3600 کان 3700 روپيا خريد ڪن ٿا ۽ في مڻ ڦُٽي تي 2 کان چار ڪلو غير قانوني ڪڻتو پڻ هڻن ٿا هنن چيو ته اسان جي پاڙي ۾ ڦُٽين جو ڪارخانو قائم ٿيو ته خوشي ٿي هاڻ اسان کي گهر ويٺي گهڻا ڪشالا ڪٽي ڦُٽي کڻي نه وڃڻي پوندي ۽ هتي ئي اسان جي ڦُٽي سُٺي اگهه تي وڪرو ٿيندي ۽ اسان جي ڦُٽي تي ڪو به ڪڻتو نه لڳندو پر افسوس ڪارخانيدارن اسان سان اهڙو ورتاءُ ڪيو جيڪو ڌاريا به نه ڪندا آهن هنن آباد گارن سنڌ حڪومت، زراعت جي صوبائي وزير، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته غريب آباد گارن جو معاشي قتل عام ڪندڙ ڪاٽن فيڪٽرين جي انتظاميه خلاف اڻ ڌري جانچ ڪرائي آباد گارن کي اعلانيل اگهه ڏياري غير قانوني ڪڻتو بند ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.