لاڙڪاڻي لڳ ڦوهارو ڪندي نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڳيريلو ڀرسان ڳوٺ ترڪ علي بروهي واسي 25 سالا نوجوان ۽ ٽن ٻارڙن جو پيءُ الهرکيو پٽ خدا بخش بروهي پنهنجي زرعي  زمين ۾ ساريالي فصل کي جيت مار دوا جو ڦوهارو ڪري رهيو جتي جسم ۾ زهر ڦهلجڻ سبب هو بيھوش ٿي پيو جنهن کي وارثن بيھوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي موت جي تصديق ڪئي جنهن تي وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي ڀائرن پير بخش ۽ رحمت بروهي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ الهرکيو بروهي پنهنجي زرعي زمين ۾ جيت ساريالي فصل کي مار دوا جو ڦوهارو ڪري رهيو جتي هو بيھوش ٿي پيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي سندس جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارت ايمبولينس ذريعي ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.