سنڌ جي بئراجن تي پاڻي ۾ مسلسل لاٿ

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) هن سال به آيل سنڌو درياهه ۾ وچولي ٻوڏ کانپوءِ سکر ۽ گڊو بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڻي جي  وهڪرن ۾ لاڳيتو لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، گڊو بئراج وٽ 71 هزار ڪيوسڪ سکر بئراج وٽ 6 هزار ڪيوسڪ مجموعي طور تي 77 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ لاٿ آئي آهي. ان ڏس ۾ آبپاشي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اڃا وڌيڪ پاڻي ۾ لاٿ ايندي. جڏهن ته هن وقت گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ وچولي ٻوڏ، ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 4 لک 20 هزار 206 مان گھٽجي 3 لک 49 هزار 898 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي. جڏهن ته سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿاهون وهڪرو 4 لک 89 هزار 550 ڪيوسڪ مان گھٽجي 483 هزار 770 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي. ٻي طرف ڪوٽڙي بئراج وٽ مسلسل پاڻي ۾ واڌ اچڻ سبب ڪوٽڙي بئراج جو مٿاهون وهڪرو 2 لک 15 هزار 63 ڪيوسڪ مان وڌي 2 لک 31 هزار 119 ڪيوسڪ تي پهچڻ سبب ڪوٽڙي بئراج تي 24 ڪلاڪن دوران 16 هزار ڪيوسڪ ۾ واڌ آئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.