ڪريڪر حملو: جماعت اسلامي قائدآباد جو ناظم زخمن جا سور نه سهندي فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن جماعت اسلامي جي ڪشمير ريلي تي حملي ۾ زخمي ٿيل هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو، پوليس موجب ڇِرا لڳڻ سبب رفيق تنولي سخت زخمي ٿي پيو هو.

پوليس موجب رفيق تنولي کي پيٽ ۾ ڇِرا لڳا هئا ۽ اسٽيڊيم روڊ تي موجود هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

جماعت اسلامي جي ترجمان موجب رفيق تنولي جماعت اسلامي قائدآباد جو ناظم هو.

ياد رهي ته ڪراچي جي علائقي يونيورسٽي روڊ تي گذريل ڏينهن ڪشمير جي استحصال بابت ريلي دوران ڪريڪر ڌماڪو ٿيو هو جنهن سبب 38 ڄڻا زخمي ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.