خانپور ۾ واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر، احتجاج

خانپور ( ن ع آ ) خانپور ٿاڻي جي حد انڊس ھاءِ وي روڊ  نم لاڙو ڀرسان ڏينھن ڏٺي جو   ھٿياربندن واپاري ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻ فضل الله سيٺار کي  ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندس کان  موٽرسائيڪل ڦر ڪري   فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع متاثر پاران خانپور ٿاڻي تي ڏنو ويو جتان خانپور پوليس کين آسرو ڏئي واپس ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف علائقي ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جي خلاف جي يو آء اڳواڻن مولانا عنايت الله بروھي، سيف الرحمان آرائين، عبدالسميع بلال دايو ۽ ٻين ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي علائقي ۾ امن وامان بحال ڪرايو وڃي.

ٽنڊي محمد خان ۾ميمڻ ۽ خاصخيلي برادري ۾جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر)  ٽنڊو محمد خان شهر جي سيرت النبي چوڪ تي ميمڻ ۽ خاصخيلي  برادري ۾ٻارن جي معمولي ڳالهھ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا منير ميمڻ ۽ خير محمد خاصخيلي لٺيون ۽ مڪون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن کي زخمي حالت ۾ ٽنڊو محمد خان سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ، سٽي ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرائي ويئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.