ڪرڪيٽر محمد حفيظ تي 2 ڪروڙ 60 لک رپين جو ٽيڪس لاڳو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪرڪيٽر محمد حفيظ تي 2 ڪروڙ 60 لک رپين جو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو.

ايف بي آر ذريعن موجب ڪرڪيٽر محمد حفيظ سال 2014 ۾ 8 ڪروڙ 60 لک رپيا ظاهر نه ڪيا، قومي ڪرڪيٽر جي 2014 جي انڪم ٽيڪس جي آڊٽ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ کي 8 ڪروڙ 60 لک رپيا لڪائڻ تي وضاحت لاءِ ڪيترائي ڀيرا وقت ڏنو ويو پر هن طرفان ڪو تسلي جوڳو جواب نه ڏيڻ تي مٿس ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب محمد حفيظ ٽيڪس ادائيگي بدران اپيل ۾ هليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.