سنڌ جي وسيلن تي بار بڻيل پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ ڪڏهن واپس موڪليو ويندو

عتيق ملاح

ڄي سنڌ جي ماڻهن سوشل ميڊيا تي افغاني پناهگيرن جي پنهنجي ملڪ واپسي جو مطالبو ڪندي چيو پيو وڃي ته 30 جون تي افغاني پناهگيرن جي هتي رهائش جو مدو پورو ٿي رهيو آهي، ان ڪري هاڻ انهن جي واپسي جو بندوبست ڪري پنهنجي ملڪ روانو ڪيو وڃي ۽ انهن پناهگيرن کي وڌيڪ هتي رهڻ نه ڏنو وڃي، سوشل ميڊيا افغاني پناهگيرن کي هتان کان واپس پنهنجي ملڪ روانو ڪرڻ جي حوالي سان انتهائي سرگرم نظر اچي رهي آهي.

سنڌ ۾ اها راءِ ورهين کان جڙيل رهي آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادي سنڌ جي خودمختياري تي حملي جي برابر آهي، سنڌ هاڻ وڌيڪ ڌارين کي برداشت نٿي ڪري سگهي. سنڌ ۾ بنگالي بيهاري ۽ برمي به وڏي تعداد ۾ آباد آهن، جيڪي هاڻ سنڌ جي وسيلن تي پڻ قابض ٿيو ويٺا آهن، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي نه رڳو سنڌ جي ويسلن کي نقصان پهچايو آهي، پر هنن سنڌ جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب کي پڻ وڏو نقصان ڏنو آهي. انهن جا ڌرتي ڌڻين سان رويا به درست ناهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ائين ئي سڀني کي پناهه ڏئي آباد ڪيو ويندو ته سنڌ جا ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ جيڪا ڌرتي ڌڻين خلاف هڪ وڏي سازش پڻ آهي، سنڌ سڄي دنيا جي تڙيلن جو بار نٿي کڻي سگهي. حالت اها آهي ته جڏهن به ڪو وڏو آپريشن ٿيندو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن مان پناهگير وڏي انگ ۾ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا آهن، وري جڏهن افغانستان ۾ جنگ جي شروعات ٿئي ٿي ته اتان جا افغان پناهگير به اچي سنڌ ۾ آباد ٿين ٿا، جيڪي هاڻ سنڌ ۾ وڏا مالدار ٿي چڪا آهن ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي جو سبب به بڻجندا رهيا آهن، پر سنڌ جي ڌرتي ڌڻي غربت ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهن، جيڪا سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پر افسوس جو هتان جا ڌرتي ڌڻي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، ڇاڪاڻ  جو ان جو اصل ڪارڻ  ڌارين جي آبادڪاري آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪي سنڌ ۾ پناهگير آباد ٿيا ان ۾ مختلف زبانو ڳالهيندڙ شامل آهن، ان ڪري پناهگيرن کي زبان جي لحاذ سان ڪا تڪليف نه ٿيندي انهن کي سنڌ ۾ پناهه ڏني ويندي آهي.

هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ ۾ وڏي عرصي کان وٺي ڌارين کي شهرن، ڪاروبار، روزگار، نوڪرين، زمينن تي قابض ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ لکين جي تعداد ۾ افغاني، بهاري، بنگالي، برمي، هندستاني ۽ ٻيا ڌاريا غير قانوني رهن ٿا. ڪراچي ۾ غير قانوني رهندڙن جو ڪالونيون قائم ٿيل آهن، انهن ڌارين کي وفاقي ۽ سنڌ سرڪار طرفان ملڪ نيڪالي ڏيڻ بدران وقت به وقت شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا اعلان ٿيندا رهندا آهن. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون هيون ته 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ۾ سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن رپورٽون جمع ڪرايون هيون ته غير قانوني رهندڙ ڌاريا هٿيارن جي وڪري، منشيات، اغوا، زمينن تي قبض سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن. عدالت جي هدايتن تي اڄ ڏينهن تائين حڪمرانن ڪو به عمل نه ڪيو آهي، وفاقي سرڪار سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.