ايٽمي ڌماڪو راجا ظفر الحق، گوهر ايوب ۽ مان ڪيو: شيخ رشيد جي دعويٰ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته ايٽمي ڌماڪو راجا ظفرالحق، گوهر ايوب ۽ مان ڪيو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف سميت سڄي ڪابينا ايٽمي ڌماڪي جي خلاف هئي، ايٽمي ڌماڪن وقت منهنجي ڊيوٽي اهڙي هئي ته مون کي ٻاهر وڃڻو پيو، اهي ملڪي راز آهن ۽ انهن کي راز ئي رهڻ گهرجي، ايٽمي ڌماڪو راجا ظفرالحق، گوهر ايوب ۽ مان ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان جو رت چوسيندڙن کي معاف نه ڪنداسين، اڄ به يقين رکان ٿا ته ڪرپٽ عنصرن کي معاف نه ڪيو ويندو ۽ قوم عمران خان مان اميد رکي ٿي ته کنڊ چورن خلاف ڪارروائي ٿيندي، مان عمران خان جو ساٿي آهيان ۽ تحريڪ انصاف سان ڪو واسطو ناهي.

سندس چوڻ هو ته وڌيڪ 5 ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن ۾ سرسيد، ڪراچي، شاليمار ۽ بهاوالدين ذڪريا ايڪسپريس کي به شروع ڪيو پيو وڃي.

وفاقي وزير چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي درخواست ڪئي آهي ته لاهور کي 3 ڏينهن بدران 2 ڏينهن بند ڪيو وڃي، ڇو ته ننڍن شهرن جي ڪاروباري ماڻهن کي خريداري لاءِ لاهور اچڻو هوندو آهي.

شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻ اسان کي ڪورونا سان گڏ هلڻو آهي ۽ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي رهيو آهي، ان حوالي سان 90 ڏينهن ڏاڍا اهم آهن، ڪورونا کانپوءِ دنيا ۾ وڏي ڇڪتاڻ جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.