گهوڙاٻاري جي شاخ ۾ پاڻي کوٽ، پڇڙي جي آبادگارن جو ڳاڙهو ۾ احتجاج

ڳاڙهو (رپورٽ:  عبدالله راڻو) تعلقي گهوڙاٻاري جي مليرڙي شاخ ۾ گذريل ڇهن مهينن کان پاڻي ٽيل نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن صالح محمد شولاڻي، مٺو لاشاري، عوامي تحريڪ اڳواڻ اسلم سمون جي اڳواڻي ۾ ڳاڙهو شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي،  ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته  تعلقي گهوڙاٻاري ۾ ٺهيل پڪين شاخن ايريگيشن کاتي پاران ڪرپشن ڪري شاخن جي ڊزائن مٿي رکڻ سبب شاخ پاڻي ٽيل نٿو ڪري، هنن چيو ته گذريل 6 مهينن کان شاخ ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، اسان جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بنجي ويون آهن، جر جو پاڻي پڻ کارو ٿي ويو آهي، جنهن سبب انسان توڙي جانور پيئڻ جي پاڻي لاءِ  تڙپي رهيا آهن. هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي،  انهي موقعي تي عوامي تحريڪ اڳواڻ اسلم سمون ڳالهائيندي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت هتان جي زراعت کي ختم ڪري زمينون بنجر ڪيون پيون وڃن، ۽ آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي شاخ ۾ پاڻي پهچايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ميهڙ ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ لٿل، انتظاميا اگهور ننڊ ستل

ميهڙ (ت ر) ميهڙ تعلقي جي مختلف علائقن خاص ڪري فريدآباد ٻليدائي خان جو ڳوٺ قاضي عارف، ڪولاچي، پپري مهيسر، پوراچو مهيسر ۽ ٻين ڪافي علائقن ۾ ماڪڙ جي ڪٽڪن تباهي مچائي ڇڏي آھي، مختلف سبزين ۽ فروٽ جن ۾ ٽماٽا بصر گدرا هنداڻا انب ڦاروا ۽ ٻيا ڪيترائي فصل ۽ وڻ ٽڻ سائي ساوڪ ۾ ڪٽڪ ڪري لهي ٿا پون جنهن جي ڪري غريب پورهيت مزدور طبقي کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي پر لوڪل انتظاميا توڙي زراعت کاتي جي لوڪل توڙي  حڪمرانن جي ڪن تي جون نه پئي چري۽ غريب مسڪين ماروئڙن جو ساهه مٺ ۾ آيل آھي.

ڪڪڙ ۽ ڀرپاسي ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا

ڪڪڙ (ن ع آ)ڪڪڙ ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن ڳوٺن درمحمد ابڙو، خانپور، علي پور، مراد جوڻيجو ۽ ڌر محمد چانڊيو  سميت ٻين ڳوٺن ۾ ماڪڙ جا ڪٽڪ پھچي ويا، ماڪڙ پھچڻ کان پوءِ ووئنڻ ڪمند جوئر جو فصل سارين جو ٻج وڻن کي کائي ناس ڪري ڇڏيو آھي. آبادگار اڳواڻ الھرکيو عباسي، عبدالرحمان چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته جيڪڏهن ماڪڙ کي مارڻ لاءِ ڦوھارو نه ڪرايو ويو ته سموري علائقي ۾ وڏي تباھي مچائي ڇڏيندي ۽ پوءِ ڏڪار واري حالت ٿي ويندي آبادگارن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جا وزير چون پيا ته اسان سنڌ جي ٻين ضلعي وانگر دادو ضلعي ۾ به ڦوھارو ڪرايو ويو آھي پر اسان جي علائقن ۾ اڃا تائين ماڪڙ کي مارڻ جو ڪو به ڦوھارو نه ڪرايو ويو آھي آبادگارن سنڌ حڪومت ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقن ۾ جلد کان جلد ماڪڙ کي مارڻ لاءِ ڦوھارو ڪرايو وڃي ته جيئن فصل بچي سگھي ۽ ڏڪار واري صورتحال کان بچي سگھي.

جهول ۽ ڀرپاسي ماڪڙ جا ڪٽڪ پهتل، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل چٽ، هڪ هاري بيهوش

جهول (ن ع آ)  جھول ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جن ۾ جھول نئو آباد ٿھيم شاخ  فقير آباد بچايو رند دلور موري ڌام رکي  سوني درتي ولي محمد ڪيريو چٻرلو ميان احمد کرل سميت سوين ڳوٺن ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصلن جن م ووئڻ ساريون ۽ ٻين فصلن تي  لکن جي تعداد ۾ مڪڙن جو حملو مڪڙن سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي کاھي ناس ڪري ڇڏيو، آبادگار ۽ هاري پريشان مڪڙن ڀڃائي ڀڃائي ٿڪجي پيا پر مڪڙن جو تعداد وڌڻ شروع ٿي ويو آبادگارن جا مٿي اچي ويا اربين رپين جي نقصان جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو اٿن جڏهن ته جھول جي آپاس جي سوين ڳوٺن ۾ ماڪڙن پھچڻ سبب ماڻھون سخت پريشان ٿي ويا آهن جڏهن ماڪڙ ڊوڙائڻ دوران ۽ پنهنجي نقصان هٿن سان ڏسندي ڳوٺ چٻرلو جو جو رهواسي شاهنواز خاصخيلي بيھوش ٿي ويو جنهن کي پاڻي وجھي هوش م آندو ويو شاهنواز ۽ ٻين هارين زميندارن دانھندي چيوته ضلعي سانگهڙ جي زراعت کاتي  ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪي اپا ناهن  ورتا ڪٿي به اسپري نه ٿي سگھيو جنهن سبب اسان کي مڪڙن تباھ ڪري رهيا آهن پر زراعت کاتو  خاموش آهي جنهن سبب اسان کي اربين جو نقصان پھچندو هنن زراعت واري صوبائي وزير کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جھول ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اسپري ڪرائي اربين رپين نقصان کان بچايو وڃي.

اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي، لکين ايڪڙ فصل کائي چٽ

اوٻاوڙو ر ( رپورٽ: بشير ملڪ  ) اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ ماڪڙ ديرا ڄمائي ڇڏيا، ڪمون شھيد، مريد شاخ،  ريتي، کنڀڙا، لانگهو ۽ ٻين علائقن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڪڙ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا  آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ۽  انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي، ماڪڙ لکن جي تعداد ۾ فصلن ۾ ڪاهي پئي جنهن سبب وونئڻ، ڪمند، وڻ، سبزين جي فصلن کي ماڪڙ کاهي ناس ڪري ڇڏيو آهي پر انتظاميا ماڪڙ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن، ان حوالي سان  آبادگارن جي اڳوڻن آفتاب احمد پنهور، غلام نبي خان ڏھر، جهنگل بوھڙ، راحب حسين بوھڙ  جو چوڻ آهي ته فصلن تي اسان جو لکين رپين جو خرچ ٿيل آهي، پر ماڪڙ اسان جو فصل کاهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي، وڏي عرصي کان ماڪڙ علائقي ۾ لٿل آهي، پر سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا ڪا جوڳا قدم ناهن کنيا ۽ نه ئي وري ماڪڙ مار اسپري ڪرايو آهي اسان غريب ماڻهو آھيون ۽ جڏهن ته زراعت ملڪ جي معيشت آهي پر ماڪڙ لاءِ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت هن مهل تائين ڪو جوڳا قدم نه کنيا آهن اگر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ جلد قدم نه کنيا ته ملڪ جي معيشت تي وڏو اثر پوندو ،سنڌ حڪومت  ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ جلد ڪي جوڳا اپاءَ وٺي سنڌ جي آبادگارن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي نه ته اسين سخت احتجاج ڪنداسين.

ٽنڊي مير علي ۾ آبادگارن جو نقلي ٻج وڪري خلاف احتجاج

ٽنڊي مير علي (ن ع آ)ٽنڊي مير علي باغ بچراهه ملڪ چودڳي ۽ ان جي ڀرپاسي زراعت کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان وونئڻ جي نقلي ٻج جو وڪرو سرعام جاري آهي. ان ڏس ۾ آبادگارن غلام فريد، عبدالستار آرائين، نويد  احمد، اسد علي رند، جميل احمد، مير محمد، محمد شريف، سائينداد، محمدبخش، سردار احمد ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان وونئڻن جو ٻج لکين رپين جو خريد ڪري جڏهن پوکائي ڪئي آهي ته ٻج اڌ کان به گهٽ ڦٽو آهي انجوڪارڻ نقلي ٻج آهي هنن ٻڌايوت اسان زمينن کي وڏي محنت ڪري کراٺھرائي جڏهن پوکائي ڪئي آهي ته ٻج اڌ کان به گهٽ ڄم نه ڪيو آهي جنهن جوذميوارهنن هتان جي زراعت کاتي جي عملدارن کي ڏيندي چيوت انهن رشوت عيوض هتان جي واپارين ۽ دڪاندارن کي نقلي ٻج وڪروڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جيڪي سرعام نقلي زرعي دوائون ڀاڻ ۽ ٻج وڏن اگهن تي وڪرو ڪري هتان جي آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هتان جا واپاري ۽ دڪاندارن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي جيڪي نقلي ٻج اصلي ٻج جي رقم تي سرعام وڪروڪري رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيوت ڪيترا ڀيرا زراعت کاتي جي عملدارن کي شڪايتون به ڪيون آهن پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن صوبائي وزيرزراعت سيڪيريٽري زراعت سنڌ ڊي سي خيرپوراي ڊي اوخيرپورزراعت ۽ٻين وس وارن کان مطالبوڪيوآهي ته هڪدم نوٽيس هتان جي زراعت کاتي جي عملدارن ۽ ان ڪڌي ڪاروبار ڪندڙ واپارين ۽ دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٽنڊي مستي ۽ ڀرپاسي نقلي ٻج جو ڪرو، آبادگارن طرفان ڌرڻي جو چتاءُ

ٽنڊومستي (ن ع آ)ٽنڊي مستي ۽ ڀرپاسي ريلوي ڦاٽڪ ٽنڊي مستي، ناروڍورو، ڊرٻ ميهرشاھه، ڪولاب جيئل موساڻي، ڦوڙي چانڊيا ۽ ٻين علائقن ۾ نقلي ٻج جو وڪرو سرعام هلڻ لڳو، آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا، چار پنج ڀيرا پوکائي ڪرڻ باوجود به ٻڄ جو زمين کان ڦوٽئڙي کان جواب غريب هاري پريشان انتيظاميا پاران ڪارروائي کان کٿو جواب آبادگارن پاران ڌرڻي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.

مدئجي ڀرسان شاخ کي 10 فٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

مدئجي (ن ع آ) مدئجي ڀرسان کيرٿر ڪئنال مان نڪرندڙ ڪيهرشاخ کي 10 فوٽ گهارو لڳڻ سبب 20 ايڪڙن پوکيل جوئر,ڪريلا,تورين سميت مختلف سبزين جو فصل ۽ سارين جو پوکيل ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو,ڳوٺاڻن پاران ڪيهرشاخ کي لڳل گهاري جو بروقت آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڏيڻ باوجود  آبپاشي عملو نه پهتو، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت شاخ کي لڳل گهارو بند ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان  آبادگارن نورمحمد ڪيهر، محمد ياسين، جاويد ڪيهر، غلام سرور، غلام نبي ڪيهر، حيات ڪيهر ۽ ٻين دانهيندي چيوته گهاري سبب فصل ٻڏي ويا آهن، لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪپر مضبوط ڪرائي ڏنا وڃن.

ڪنري شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

ڪنري (ت ر) آبپاشي سب ڊويزن ڪنري جي ڪنري شاخ جي پوڇڙي ۾ پاڻي جي ھٿراڌو کوٽ آبادگارن کي معاشي بدحالي ڏانھن ڌڪي ڇڏيوآھي، شاخ جي پوڇڙي جي پنج واٽر ڪورسن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار ھجڻ سبب پوکيل مرچ، ڦٽي سميت ٻيو فصل سڪي ٺوٺ ٿيڻ لڳو آھي جنھن سبب آبادگارن جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا پاڻي نه پھچڻ سبب پوڇڙي جي آبادگارن آبپاشي ايس ڊي او آفيس ڪنري اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ پاڻي ڏيو جا شديد نعره ھنيا، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن موسيٰ سولنگي، يار محمد، عمران سولنگي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ھڪ ته شاخ جو گيج پورو ناھي ٻيو وري منڍ ۾ پاڻي جي چوري آھي داروغي ڪيترن ئي واٽر ڪورسن کي رشوت عيوض غيرقانوني رعايتون ڏنل آھن جيڪي پنھنجي ماپ کان وڌ پاڻي کڻن پيا، هنن  چيو ته شڪايتن باوجود ازالو ناهي ٿيو،   ٻئي پاسي مٺڙائو ڪئنال جو انجنيئر محمد انور سيال ڪنري پھچي آبادگارن، شاخن جي داروغن ۽ ايس ڊي او سان ملاقات ڪئي ۽ سب ڊويزن ۾ پاڻي بابت بريفنگ ورتي ان موقعي انجنيئر آبادگارن کي يقين ڏياريو ته پاڻي کوٽ جلد ختم ڪري پاڻي پھچايو ويندو.

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.