شاهه محمود قريشي طرفان جهاز حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ڪراچي ۾ ٿيل جهاز حادثي تي انتهائي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جهاز حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي شديد ڏک پهتو آهي. سانحي قوم کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهي المناڪ حادثي تي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.  هن چيو ته جهاز حادثي جي متاثر ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.