سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال بابت وڏي وزير جي آگاهي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سان وڌيڪ 3 فوتگيون ۽ 864 نوان ڪيس پڻ سامهون آيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا صورتحال بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4679 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 864 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو ڪُل انگ 17241 ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3 ڄڻا فوت پڻ ٿيا، جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ فوتين جو ڪُل انگ 280 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 280 ڄڻن جي صحتياب ٿيڻ کانپوءِ وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 4489 ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته صوبي ۾ ظاهر ٿيل نون ڪيسن مان 657 جو واسطو ڪراچي سان آهي، جتي اوڀر ضلعي ۾ 171، ڏکڻ ۾ 117، سينٽرل ۾ 94، ڪورنگي ۾ 75، ملير ۾ 141 ۽ اولهه ضلعي ۾ 59 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.

وڏي وزير موجب گهوٽڪي ۾ 31، جيڪب آباد ۾ 30، لاڙڪاڻي ۾ 21، سکر ۾ 71، قمبر شهدادڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ 7-7، ٺٽي، ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ 5-5، مٽياري ۽ نوشهري فيروز ۾ 2-2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.